گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور چيو آهي ته اس??ائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي. الجزيره موجب سلامتي ڪائونسل جي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلامتي ڪائونسل طرفان قرارداد نمبر 2720، جنهن ۾ غزه ڏانهن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد ف??اه?? ڪرڻ جو چيو ويو آهي، کي منظور ٿيندي چار ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اس??ائيل انهن چئن ڏينهن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکيون پر انهن ۾ اضافو ڪيو آهي. اس??ائيل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته هو آبادڪار، نوآبادياتي قابض، نسل پرست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اس??ائيلي ڏوهن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ان سڀني جي ??او??ود ڪجهه ملڪ اس??ائيل خ??اف ڪنهن به فورم تي ڪارروائي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، انهن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خ??اف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ اس??ائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خ??اف ڏوهن جي جوابدهي کان بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانوني حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اس??ائيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل ??سي??بلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل ??سي??بلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏينهن ٿي چڪا آهن ان جي ??او??ود اس??ائيل فلسطينين خ??اف پنهنجي نسل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون