گڏيل قومون 31 ڊسمبر (اي پي پي ) جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن ( ڊبليو ايم او) سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو آهي جنهن دوران زمين جي سراسري گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو ريڪارڊ ٿيو آهي. ڊبليو ايم او جي سيڪري??ري جنرل سيلسٽي سائولو چيو ته اداري پاران 2024ع دوران آبهوا ??ي صورتحال جي باري ۾ بار بار ريڊ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن سال اسان گهڻن ملڪن ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۽ جا??ين جو خوفناڪ نقصان ڏٺو آهي. سال 2024ع دوران سامونڊي طوفان خوفناڪ جا??ي ۽ معاشي نقصان جو سبب بڻيو. سال 2024 ع دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن گرمي کي برداشت ڪيو. ان سان گڏو گڏ ٻيلن ۾ لڳل باهه به وڏ?? پيماني تي تباهي آندي. گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيو گوتريش ان حوالي سان نئين سال جي پيغام ۾ چيو ته اڄ مان باضابطه طور تي اطلاع ڪري سگهان ٿو ته اسان به هڪ اهڙي ڏهاڪي کي مڪمل ڪيو آهي جنهن دوران ماڻهن شديد ترين گرمي کي برداشت ڪيو اهو ڏهه سال ريڪارد تي گرم ترين سال رهيو. هن چيو ته اها صورتحال آبهوا ۾ تبديلين جو نتيجو آهي اسان کي انهن تبديلين جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن . ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد ۾ اضافي بابت رپورٽ ۾ آبهوا ??ي تبديلين جي نتيجي ۾ 2024 ع دوران خطرناڪ گرمي جي مدي ۾ 41 ڏينهن جو اضافو ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ انساني صحت ۽ ماحولياتي نظام کي نقصان پهتو. آبهوا ??ي تبديلين 29 شديد موسمي حالتن مان 26 جي شدت ۾ اضافو ڪيو جن ۾ 3700 ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا.
ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن پاران سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ