ماسڪو-29 نومبر (اي پي پي) ر??س جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آھي ته آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ تجربيڪار ۽ ذھين سياستدان آھي ۽ ھو مسئلن جو حل ڳولڻ جي ص??احيت رکي ٿو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق و??اديمير پيوٽن چيو آھي ته روس آمريڪ?? سان ڳالھين لاءِ تيار آھي. ر??س جي صدر چيو ته مون کي يقين آھي ته جوبائيڊن جي انتظاميا روس سان لاڳاپن ۾ ٽرمپ لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. ر??س جي صدر آستانه جي پنھنجي سرڪاري دوري جي ٻئي ڏينھن اجتماعي سلامتي جي معاھدي جي تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جتي ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته گذريل ڏينھن روس پاران يوڪرين تي ٿيل وڏو حملو آمريڪا جي حملن جي جواب ۾ ھو. ھن يوڪرين جي گادي واري شھر ڪيف ۾ فوجي مرڪزن تي ۽ شينڪ ھائپرسونڪ ميزائل سان حملو ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني. اجلاس ۾ شرڪت دوران ر??س جي صدر چيو ته اھڙن ملڪن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي جيڪي ھڪ محفوظ، گھڻ قطبي عالمي نظام جي تعمير جي حمايت ڪن ٿا.
آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ذھين سياستدان آهي، مسئلن جو حل ڳولڻ جي صلاحيت رکي ٿو: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ