اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سي??ت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرا??ڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي??ت النبي صه ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. و??ير??عظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. و??ير??عظم ميڊيا آفيس موجب و??ير??عظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سي??ت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.
القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria estadual