لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوب?? شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زيتون جي ٻيلن سان خاموش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يق??ني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي، بدقسمتي سان ماضي جون حڪومتون اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لاهور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گار??ن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان لاهور جي ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان جا منفي اثر هاڻي سڀني جي سامهون آهن، فيبروري جي مه??ني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خاموش قاتل آهي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض ع??م ٿي چڪو آهي، عمران خان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يق??ني بڻائڻي پوندي، حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوب?? شروع ڪيو آهي جنهن سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي.
الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن