اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان جي لاءِ افغان صدر جي خاص نمائندي عمر دائود زئي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چ??و ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ جڙيل آهي، پاڪستا?? افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي ما?? افغانستان فائدو کڻي، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان جي لاءِ افغان صدر جي خاص نمائندي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ