اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) آبادگار برداري وزيراعظم عمران خان جي موثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آ??ادگارن کي 80 کان 90 ارب روپين جو سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آبادگارن جي نمائندن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي ق??ادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چ??و ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت يا اڳواڻ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سيد ??خر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا. آبادگارن جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چ??و ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن آبادگارن جي نمائندن کي خاطري ڪرائي ته آبادگارن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ مافيا جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪندي وزيراعظم چ??و ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي وسيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي قانون موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي پيروي ناهي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي سگهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي ق??ل جو حوالو ڏنو ته ڪفر جي حڪومت قائم رهي سگهي ٿي ناانصافي جو نظام نٿو هلي سگهي. وزيراعظم، چ??و ته هو ڪنهن لابي جو حصو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪس??ان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪس??ان کي هر قسم جي نعمتن سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو طرف ويو آهي
آبادگار برداري پاران وزيراعظم جي قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی