اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر ر??اض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلسطين جي پرڏيهي و??ير فلسطين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي و??ير فلسطين جي هم منصب کي فلسطين جي پُرامن مسئلي جي حل ل??ءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلسطين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي و??کاڻ ڪئي. پرڏيهي و??ير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام ط??فان فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي و??ير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي و??ير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فلسطين مين بهي حاضر هون“.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طرفان فلسطيني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔