اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي سان او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل بوسنيا جي پ??ڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمو?? قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ب??سنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ب??سنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پ??ڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير ڌشاهه محمود قريشي سان بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت