لاهور – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪستاني ڪپڙن، گارمنٽس، آرٽس ۽ هٿ ج?? هنرن سميت ملڪ جي ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته لاڳاپيل صنعت جي اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي فيشن انڊسٽري کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ سان گڏوگڏ مق??مي فيشن برانڊز جي عالمي منڊين تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڪيڊمي انڊسٽري ??اب??ن کي فروغ ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ عالمي فيشن ۽ گارمينٽس انڊسٽري ۾ پاڪستان جي اميج جي فروغ جي حوالي سان لاهور جي فيشن ڊزائينرز سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل TDAP پنجاب شهزاد احمد خان، سرپرست اعليٰ آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن گوهر اعجاز، وائيس چانسلر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائين لاهور پروفيسر حنا طيبه ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مق??مي گارمنٽس ۽ فيشن انڊسٽري کي ترقي ڏيڻ ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ثقافتي مصنوعات جي ذريعي پاڪستان جي مثبت ساک کي پيش ڪرڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو، مق??مي ۽ عالمي گارمينٽس برانڊز جي وچ ۾ تعاون ۽ ??اب??ن کي فروغ ڏيڻ، عالمي ادائيگي جي طريقيڪار بابت مسئلن کي حل ڪرڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ مق??مي برانڊز کي پنهنجي مصنوعات جي ٻاهرين ملڪ مارڪيٽ ۾ نمائش جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو، اجلاس کي خط??ب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس جي شعبي ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، جنهن کي ملڪ جي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ٽيڪسٽائيل مصنوعات لاءِ نئين منڊين جي ڳولا جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين کي تيار ڪرڻ ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو.
گارمينٽس صنعت جي اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری