اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪندڙ سڀ کان ??ڏو ملڪ آهي، وزيراعظم جو دؤري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شع??ي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دؤري جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شع??ي ۾ سهڪار ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش آهي. ايل اين جي جي حوالي سان 3 کان 4 منصوبا اهڙا آهن ج?? تي گذريل 6 مهينن دوران پاڪستان جو دؤرو ڪندڙ روسي ٽيمن سان پهريائين ڳالهيون ڪري چڪا آهن. انهن منصوبن با??ت معامل?? تي وزيراعظم عمران خان روس جي صدر پيوٽن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جڏهن ته روس جي نائب وزيراعظم سان با??اب??ه طور تي ڳالهائيندس. حماد اظهر چيو ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪندڙ سڀ کان ??ڏو ملڪ آهي. يورپ، اُتر آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا روس سان گهرا رابطا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا اهڙيءَ طرح جا رابطا روس سان پهريان نه هئا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.
روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، وزيراعظم جو دؤري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي: حماد اظهر
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ