اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي. ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيه?? وزير چي?? ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي دعويٰ حقيقي هجي ها ته کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، شاهه محمود قريشي چي?? ته اسان جو اتحادين سان ساڍا ٽن سالن جو تعلق ۽ رابطو آهي، اسان سان ملڪ کي سنوارڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ شامل رهيا آهن. اتحادين سان اسان جي رابطن ۾ هڪ تسلسل آهي جڏهن ته مخالف ڌر ان جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريندي رهندي آهي، جڏهن ويڇا وڌيڪ هجن ته زور به وڌيڪ لڳائڻو پوندو آهي. هن چي?? ته اڄ جيڪڏهن نون ليگ، ق ليگ کي آڇون ڪري رهي آهي ته ڇا ق ليگ جا دوست نٿا ڄاڻن ته 2018 جي اليڪشنز ۾ هنن ق ليگ جي رستي ۾ ڪيتريُون مشڪلاتون پيدا ڪيُون هُيون، ڇا ايم ڪيو ايم جا ما??هو نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ پيپلزپارٽي پاران آندل بلدياتي قانون جي خلاف اهي سراپا احتجاج هئا ۽ اسان انهن سان رابطي ۾ هئاسين ته ڇا اهو سلوڪ کين ياد نه هوندو؟ ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالا اقتدار ۾ حيدرآباد ۽ ڪ??اچ?? ۾ انهن جي ووٽرز سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ شاهه محمود قريشي چي?? ته وقتي ملاقاتن جي بنياد تي صورتحال جو درست تجزيو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اسان صورتحال کي تسلسل جي زاويي سان ڏسون ٿا ته اطمينان ٿيندو آهي.
مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania