اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد، مظفرآباد ۽ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين شهرن ۾ ڀارت جي خلاف ڀ??پو?? مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن شيخ عبدالمتين، سيد ??وس?? نسيم، مشتاق احمد بٽ، زاهد اشرف، گلشن اقبال، مشتاق الاسلام، شهزاد واني، انجنيئر محمود مشتاق ۽ دائود ??وس?? زئي ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، لاهور، مظفرآباد، مي??پو?? ۽ ڪوٽلي ۾ احتجاجي مظاهرن دوران چيو ته ڀارت والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بدترين رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ وڌندڙ رتوڇاڻ ڀارتي فورسز کي ڏنل بي لغام اختيارن جو نتيجو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت والا??يل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪري اتان جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ چاهي ٿو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ڀارتي فوجين جي هٿان ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهون قتل تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت والا??يل علائقي ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اها والا??يل علائقي مان ڀارتي فوجين جي انخلا، سمورن ڪارن قانونن کي ملتوي ڪرڻ ۽ سمورن بيگناهه ڪشميري نظربند ٿيلن جي آزادي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد، مظفرآباد ۽ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين شهرن ۾ ڀارت جي خلاف ڀرپور مظاهرا
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados