اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ?? خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي ٻوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي امداد تي گڏيل عر?? امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيليئنٽ پاڪستان بابت شيخ محمد بن زيد النهيان کي آگاهه ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ يو اي اي کي اعليٰ سطح جي شرڪت جي لاءِ درخواست ڪئي. شيخ محمد بن زيد النهيان ڪانفرنس جي بنيادي ايجنڊا جي حوالي سان گ??يل عر?? امارات جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عر?? امارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت ۾ مضب??طي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عر?? امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : números dupla sena