اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مسجد ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم دهشتگردن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي ل??ءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي ل??ءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو نظرياتي بنياد ختم ڪرڻ جي ل??ءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ خودڪش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون اسلامي ??عل??م جي ابتڙ آهن. هن ??ودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری