اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته جٽ??دار معاشي ترقيءَ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي، ڪابه قوم تعليم بنا ترقي حاصل نٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي انتظام هيٺ يونيورسٽين جي سهڪار سان شاگردن وچ ۾ هڪ بزنس پلان مقابلي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو. ڪامسيٽ يونيورسٽي، رفاه يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ??يڪ??الاجي، ڪيپٽل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ??يڪ??الاجي، ايڇ آءِ ٽي اي سي يونيورسٽي ٽيڪسلا، نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ايند ??يڪ??الاجي، نسٽ بزنس اسڪول، قائداعظم يونيورسٽي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي، شفا تعمير ملت يونيورسٽي ۽ فاطمه ج??اح وومن يونيورسٽي جي شاگردن بزنس پلان جي مقابلي ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعليم واري وزير چيو ته جٽ??دار معاشي ترقيءَ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ سرگرم عمل آهي. هن چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ ڪابه قوم تعليم بنا بهتر ترقي حاصل نٿي ڪري سگهي، بهتر تعليم ذريعي انساني وسيلن جي ترقي حڪومت جي پاليسيءَ جو مرڪزي ٿنڀ آهي. هن چيو ته حڪومت پهرين قومي ??يڪ??يڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ پاليسي جوڙي آهي جنهن جو مقصد تربيت يافته ۽ ??نر??ند افرادي سگهه تيار ڪري صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي. هن يونيورسٽين جي شاگردن وچ ۾ بزنس پلان مقابلو منعقد ڪرڻ تي چيمبر جي قدمن کي ساراهيو، ڇاڪاڻ ان سان شاگردن کي جديد بزنس آئيڊياز پيش ڪرڻ ۽ ڪاروباري صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو ملي ٿو. هن چيو ته سندس وزارت چيمبر سان گڏجي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته ج??ئن ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي لاءِ سندن معيارن موجب تربيت يافته ۽ ??نر??ند افرادي سگهه تيار ڪري سگهجي.
جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي: تعليم وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی