اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) انسا??ي حقن واري نگران وفاقي وزير خليل خارج چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ??شم??رين لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي. ??شم??ر جو عوام گذريل 76 سالن کان ڀارت جي غاصباڻي قبضي ?? آهي ۽ ان دوران لکين بيگناهه ??شم??ري شهرين کي بدترين ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڀارت ياد رکي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ??شم??رين جي حريت واري جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ??شم??رين جي جدوجهد هڪ ڏينهن آزاديءَ جو پيغام کڻي ايندي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري هڪ خصوصي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير ??يو ته ڀارت طاقت جي ڏڍ تي هٿين خالي ??شم??رين تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ??شم??رين جي جدوجهد آزادي کي دٻائڻ لاءِ هر ڏينهن نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع جا قدم سلامتي ڪائونسل ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ??شم??رين کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ انهن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ آهي. عالمي برادري ۽ انسا??ي حقن وارا ادارا ??شم??رين تي ظلم خلاف ۽ کين آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته اسان ??شم??ري عوام تي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ??شم??رين جي خوداراديت واري حق جي ڪوششن جي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ??شم??رين جي خوداراديت واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکنداسين. مون کي ام??د آهي ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.
27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميرين لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي: خليل جارج
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش