اسلام آباد -31 آڪٽوبر (اي پي پي)اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي، محصول ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وف??قي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وف??قي وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وف??قي وزير سميع سعيد، بجلي ۽ پيٽرول واري وزير محمد علي، وف??قي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن اجلاس ۾ توانائي ۽ پيٽروليم واري وزارت طرفان پيش ڪيل سنگل آئٽم ايجنڊا تي غـور ڪيو. توانائي واري وزارت طرفان مختلف ڪيٽيگرين لاءِ قدرتي گئس جي وڪري جي اگهه تي نظ??ثا??ي جي حوالي سان پيش ڪيل سمري مالي سال 24-2023ع تي ٻيهر غور ڪيو ويو. اي سي سي تفصيلي بحث ۽ غور ڪرڻ بعد گئس جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي عمل پهرين نومبر 2023ع کان ڪيو ويندو. اي سي سي ان کان اڳ 23 آڪٽوبر 2023ع تي پيٽروليم ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري تي غور ڪيو ۽ قدرتي گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني. وف??قي ڪابينه 30 تاريخ تي پنهنجي اجلاس ۾ ان سمري کي نظ??ثا??ي لاءِ ٻيهر اي سي سي ڏانهن اماڻيو هو. اي سي سي خصوصي اجلاس ۾ قدرتي گئس جي اگهه ۾ ترميم جي منظوري ڏني.
اقتصادي رابطا ڪميٽي گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز