اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪو??ت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمور?? ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي دع??ت پڻ ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته حڪو??ت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمور?? ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.
حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج