اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي وڏي مقدار ۾ هُجڻ جو حوالو ڏيندي چيو آ??ي ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ موثر فيصلاسازي کي اختيار ڪرڻ لازمي آهي. انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ”موسمياتي بحران، ڏکڻ ايشيا جي لچڪ جي جوڙجڪ“ جي موضوع تي ريجنل ڊائيلاگ 2024ع کي پنهنجي افتتاح?? خطاب ۾ صدر چيو ??ه پاڪستان پاڻي، قابل تجديد توانائي جي صلاحيت ۽ ٻين وسيلن سان مالامال آهي، جيتوڻيڪ انهن فيصلن تي عملدرآمد ۽ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اڳوڻي سفارتڪارن، تعليمي ماهرن ۽ محقيقين جي اجتماع کي ٻڌايو ??ه پاڪستان وٽ اٽڪل 150 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي موجود آهي، جيڪو اسپري، آءِ ڊرپ ايريگيشن جهڙي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ آبپاشي جي روايتي طريقن کي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. قومي پاڻي پاليسي ۽ ٻين لاڳاپيل قانون لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندي هن چيو ??ه پراسيسنگ مڪينزم به پاڻي جي بچت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ??ه ڪراچي ۾ روزانو اٽڪل 400 ملين گيلن پاڻي سيوريج ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ڏوهه آهي. هن مُهاڻن پاران بندش پيل ڄار جي استعمال ت?? پڻ روشني وڌي جنهن جي نتيجي ۾ سامونڊي جيوت جو تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ??ه مختلف سببن جي ڪري يورپ پاڪستان کان مڇيءَ جي درآمد جي اجازت نه ڏئي رهيو آ??ي. صدر هالينڊ جو مثال ڏنو جيڪو پاڪستان کان ماپي ۾ 19 ڀيرا ننڍو هجڻ ۽ پاڪستان جهڙو وڏي مقدار ۾ پاڻي دستياب نه هجڻ جي باوجود دنيا ۾ خوراڪ فراهم ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ??ه اهڙي طرح ويٽنام به عالمي معيارن ۽ ٽيڪنيڪن کي اختيار ڪندي ماهيگيري جي برآمدات کي اٽڪل 10 بلين ڊالر ساليانو تا??ين پهچايو آ??ي. هن چيو ??ه آبادگارن پاران جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي پاڪستان به دنيا کي خوراڪ فراهم ڪري سگهي ٿو. هن بهترين حڪمت عملي جي ذريعي ڪوويڊ 19 جي بحران ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو حوالو ڏنو ۽ چيو ??ه جيڪڏهن ملڪ اهڙي طرح جو مثال قائم ڪندي جيئن ان وسيع پئماني تي وڻ لڳائڻ جي ذريعي به سڃاڻپ حاصل ڪئي ته دنيا ان جي نقش قدم تي هلندي. صدر تحقيقي ڪمن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي ڪردار کي ساراهيو. جڏهن ته انهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي مصنوعات جي مارڪيٽنگ ڪن ته جيئن پاليسي ساز ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ??ه ٽيڪنالاجي بي مثال ترقي ڪري رهي آهي. جڏهن ته انساني فڪري قوت زوال پذير آهي. هن وڌيڪ چيو ??ه دنيا جو نظام مفادن جي بنياد تي هلي رهيو آ??ي جنهن جو انساني قدر سڀ کان وڏو شڪار آهن. ان کان اڳ آءِ آر ايس جي صدر ايمبيسڊر نديم رياض پنهنجي تعارف?? خطاب ۾ چيو ??ه علائقائي ڊائيلاگ اداري جو ساليانو فليگ شپ ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻاهر??ين ملڪن مان سفارتڪارن، پاليسي سازن، محققين ۽ تعليمي ماهرن کي گهرايو ويو آ??ي. هن وڌيڪ چيو ??ه انسٽيٽيوٽ کي 42 هون قومي ۽ عالمي حصيدارن جو تعاون حاصل آهي ۽ اهي پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي پاليسي سازن ۽ حڪمت عملي سازن کي بصيرت فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ??ه ڏکڻ ايشيا موسمياتي تبديلين ج?? خطرن جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور خطو آ??ي جنهن سان ان جي مالياتي نظام، غذائي تحفظ ۽ توانائي ک?? خطرا لاحق آهن.
ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ موثر فيصلاسازي کي اختيار ڪرڻ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina