اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو وزارت جي ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد ۽ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. گهرو سي??ريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد گهرو وزير سا?? گڏ هئا. ڪنٽرول روم ت?? آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گهرو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سي??يورٽي صورتحال جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني. گهرو وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل سٺي طريقي سا?? جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پولنگ جي عمل جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سا?? مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گهرو وزير ڪامن ويلٿ جي آبزرور مشن جي سربراهه جوناٿن سا?? گڏ سيف سٽي اسلام آباد جو دورو پڻ ڪيو جتي آءِ جي اسلام آباد شهر ۾ امن امان ۽ پولنگ جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سا?? جاري آهي، في الحال ڪا شڪايت ناهي ملي.
نگران وفاقي گهرو وزير طرفان ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد پولنگ اسٽيشن جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر