بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو ليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وز??را??ظم چيئرمين زائو ليجي کي چيني سياست ۽ معاشري ??ي لاءِ سندس خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي سالياني اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۾ هڪ اهم عهدي زائو ليجي تي چيني قيادت ۽ عوام پاران مٿس ڪيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته چين سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منفرد ۽ خصوصي لاڳاپا اسٽريٽجڪ اعتماد، گڏيل نظرين ۽ عملي تعاون تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي وز??را??ظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. چيئرمين زائو ليجي چيو ته صدر شي جن پنگ جي رهنمائي تحت چي?? پاڪستان سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ??ي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۾ مثبت رفتار جو ذڪر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ??ي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وز??را??ظم پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا جن ۾ چي?? پاڪستان فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ نوجوا?? پارليامينٽرينز جي وفدن جي مٽاسٽا شامل آهي. هن سي پيڪ تحت سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي طريقيڪار جو اڳيون دور منقعد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. چيئرمين زائو ليجي وز??را??ظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن کي امن ۽ آشتي تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان قانون ۽ گهڻ رخي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.
پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جو اهم ڪردار آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج