رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪ??ي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرروت تي ??ور ڀريندي فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ ۽ آئنده لاءِ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضروري قدمن ۽ ڪ??ي جي شرپسندن خلاف موثر ۽ جامع آپريشن جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي ??عليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير کي ڪ??ي جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي باري ۾ پن??اب پوليس، پن??اب رينجرز ۽ سنڌ پوليس طرفان بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير ڪ??ي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرورت تي ??ور ڀريو. هن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي ۽ اسان جي 12 بهادر جوانن شهادت ماڻي آهي، گهرو وزير آئنده اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضروري قدمن جي هدايت ڪئي ۽ ڪ??ي جي شرپسندن خلاف موثر آپريشن جو حڪم ڏنو. محسن نقوي چيو ته شرپسندن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، حملي آورن کان بدلو وٺڻ لاءِ آخري حد تا??ين وينداسين، پنهنجي بهادرن جي رت جو بدلو وٺڻ تا??ين سک سان نه ويهنداسين. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس پنجاب، ڊي جي رينجرز پنجاب، سي ٽي ڊي پنجاب، پن??اب ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ