راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي، ??قافتي، ??قتصادي ۽ قومي ترقيءَ ۾ مسيحي برادريءَ سميت اقليتن جون خدمتون قوم لاءِ فخر ۽ طاقت جو ذريعو آ??ن. ??ءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق آرمي چيف سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ راولپنڊيءَ ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جتي آمد تي شرڪت ڪن??ڙن طرفان سندس شاندار آجيان ۽ ان پُرمسرت موقعي تي سندس موجودگي ۽ يڪجهتيءَ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو. آرمي چيف ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪرسمس همدردي، ??يرسگالي جي آفاقي قدرن جي انهن اصولن جي گهري ياد ڏياري ٿي جيڪا اسان جي معاشري کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج