اسلام آباد – 10 ڊسمبر(ا?? پي پي) ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ موٽروي ايم 2 اسلام آباد کان ڪوٽ مومن تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کلي ويو آهي. موٽروي پوليس ج?? ترجمان مطابق موٽروي بند ڪرڻ جو مقصد حادثن کان بچڻ ۽ موٽرو?? استعمال ڪندڙن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. شهرين کي درخواست آهي ته ڪوهيڙي وقت غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، پنهنجو سفر ڏينهن جي روشني ۾ مڪمل ڪري ڪوهيڙي جي شروعات کان اڳ پنهنجي منزل تائين پهچي وڃن. هن چ??و ته گاڏين ۾ فوگ لائيٽس ج?? استعمال ڪن. تيز رفتاري کان پاسو ڪن ۽ اڳين گاڏي کان مناسب فاصلو معمول کان وڌيڪ رکن. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽروي پوليس هيلپ لائين 130 ۽ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽروي پوليس ج?? آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پڻ تازي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2