بغد??د-27 ڊسمبر (اي پي پي) عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ٿيل بم ج?? ڌماڪي ۾ 2 ڪويتي ۽ هڪ سعو??ي سياح مارجي ويا آهن. چيني خابرو اداري عراقي فوج جي حوالي سان ٻڌايو ته عراقي سيڪيورٽي فورسز کي ٻن ڪويتي ۽ هڪ سعو??ي سياح جا لاش مليا آهن جيڪي اولهندي عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ڪيل بم ج?? ڌماڪي ۾ مارجي وي?? هئا. هن ٻڌايو ته مارجي ويل سياح سياحتي ويزا حاصل ڪري عراق ۾ داخل ٿي?? هئا ۽ ٽنهي ??وبن الانبار، صلاح الدين ۽ نينوي تائين پکڙيل وسيع ريگستان ۾ شڪار جي سفر دوران گم ٿي وي?? هئا، جنهن کانپوءِ عراقي سيڪيورٽي فورسز گم ٿيل سياحن جي ڳولا لاءِ ريگستان الانبار ۾ وڏي پئماني تي ڳولا ڪئي ۽ انهن جا سڙيل لاش هٿ ڪيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي ثبوتن مان پتو پئجي ٿو ته متاثرن جي گاڏي دهشتگردن طرفان رستي ڪناري نصب ڪيل هڪ پراڻي بم سان ٽڪرائجي وئي هئي.
عراق ۾ رستي ڪناري ڌماڪي سبب 3 سياح مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔