گڏيل قومون _24 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن چي?? آهي ته غزه ۾ اجتماعي قبرن بابت پريشان ڪندڙ رپورٽ سامهون آئي آهي جنهن ۾ فلسطينين جا لاش مبينه طورتي ڪپڙن کان آجها مل??ا آهن . ۽ انهن جا هٿ ٻڌل آهن . جنهن سان غزه ۾ جاري اسرائيل جي جارحيت دوران جنگي ڏوهن بابت گهري ڳڻتي ٿئي ٿي . اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر ) گذريل ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌائي . رپورٽ مطابق اها صورتحال گذريل هفتي جي آخر ۾ مرڪزي غزه جي علائقي خان يونس جي ناصر اسپتال ۽ اتر ۾ الشفا اسپتال ۾ زمين هيٺ دٻيل ۽ ڪچري سان ڍڪيل ڪيترائي لا?? ملڻ بعد سامهون آئي . ناصر اسپتال ۾ 283 لا?? مليا آهن جنهن مان 42 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي . گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان روينا شمداساني چي?? ته شهيد ٿي ويلن ۾ مبينه طورتي بزرگ ، عورتون ۽ زخمي شامل هئا جڏهن ته ٻين ماڻهن جا هٿ ٻڌل ڪپڙن کان آجها لا?? مليا آهن .
غزه ۾ اجتماعي قبرون اسرائيل جو سنگين جنگي ڏوهه ، ماڻهن جا ڳريل لاش مليا آهن ، گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena