اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي 10 سالن جي اقتدار جي دور ۾ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن ??ي اهميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جو نظام شفاف هجڻ گهرجي، اسان جو قانوني بحث به اهو ئي آهي ته ڪنهن پارٽي يا ا??ائ??س پاران نامزد اميدوارن کي ئي سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ گهرجي. سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعا?? ۽ ??شريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به ساڻس گڏ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي سڌارن جي ذريعي جمهوري?? ۽ ??ارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ان کي عوام جي خواهشن جو ترجمان بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ايم پي ايز جي ووٽن سان چونڊجي سينيٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪندا. اسان جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي جي چونڊيل اميدوارن کي ئي ووٽ ملن.
وزيراعظم جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی