اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين س??ن فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم س??يم باجوه، وزيراعظم جو نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، سينيٽ جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ عمرانه وزير ۽ ايف بي آر جا عملدار به موجود هئا. وفد جي قيادت ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين جرجيس سيجا ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ شيخ امجد رشيد، سنتيش آنند، چوڌري ڪامران، فضا علي مرزا، عرفان ملڪ ۽ بدر اقبال به شامل هئا، ملاقات دوران ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار فلم پاليسي کي حتمي شڪل ڏني و??ي، فلمي صنعت جي ??حالي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ فلم شعبي جي ??رقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، حڪومت پاڪستاني فلمن جي ??يڪسپورٽ جي ڀرپور حوصله افزائي لاءِ پرعزم آهي، ان ڏس ۾ سعودي عرب ۽ چين س??ن تعاون ۽ سهڪار فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ايڪسپورٽ جي ??والي سان فلم پروڊيوسرز پنهنجي ??يسوسيئيشن ۾ ٻه فوڪل گروپ جوڙين، هڪ فوڪل گروپ نار ملڪن ۽ ٻيو چين تي ڌيان ڏ??ي، وفاقي وزير چيو ته فلمون تفريح جو مقبول ذريعو هجڻ کانسواءِ تع??يم ۽ شعور بيدار ڪرڻ جو به موثر ڄاڻ جو فن مڃيون وينديون آهن، اسان کي فلمي صنعت جي ??نزلي کي ترقي جي ??فر ۾ بدلائڻو آهي، هن چيو ته مثبت سوچ ۽ رجحانن، روشن خيالن جي واڌ ويجهه ۽ عدم برداشت جي ??اتمي لاءِ فعال فلمي صنعت وقت جي ??هم ضرورت آهي، فلمون ملڪي ثقافت، تاريخ، قدر، ورثي ۽ اسڪرين ٽوئرازم اجاگر ڪرڻ جو به اهم ذريعو آهن.
چوڌري فواد حسين سان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔