اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو، پ??ڪستان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پ??امن افعانستان، پ??ڪستان جي مفاد ۾ آهي، افغانستان جي عوام خاص طور تي ??وجوانن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن، اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آهي، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ افغانين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا ??هن?? ان تاريخ کي ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ افغان ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته افغانستان پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي، اها مڃيل حقيقت آهي جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ افغانستان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته افغانستان جي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا افغانستان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغانستان ۾ جنگ جي صورتحال هئي، ان صورتحال ۾ افغانستان جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي افغان عوام خاص طور تي ??وجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان جو حصو بڻايو آهي، افغاني هتي ڪاروبار ڪري رهيا ??هن?? ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون ??هن?? هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت ۽ عمران خان افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان جي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ??يهڪن جو انعقاد ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر ??هن?? هن چيو ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني ايندا آهن ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويندا ??هن?? افغاني علاج لاءِ پاڪستان ۾ ايندا آهن، پ??ڪستان پنهنجي دل کولي رکي آهي، هن چيو ته افغان مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آهي، پ??ڪستان جي ڪوشش رهي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌريون اتفاق راءِ تي ??هچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ افغانستان جو اهم ڪردار آهي، پ??ڪستان ان ڏس ۾ مثبت ڪوششون جاري رکيون ??هن?? هن چيو ته افغان ميڊيا تي امن افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو افغان جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، افغانستان ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪستان ۾ به ايندا رهيا ??هن?? هن چيو ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ميڊيا جو مثبت ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.
جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی