اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ ۽ ان جي غير قانوني واپارر کي روڪڻ لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت پاڪستان جون ترجيحون واضح آهن، اسان منشيات جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظام جي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهيون، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چ??و ته منشيات جي خاتمي ??ارو عالمي ڏينهن هر سال 26 جون تي عالمي اڳواڻن، عالمي برادري، عالمي اتحاد ۽ انجمن س??يت سڀني لاءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيات جي غير قانوني واپار کي روڪڻ لاءِ پنه??جو?? گڏيل ذميداريون ادا ڪريون. هن چ??و ته اڄوڪي ڏينهن اسان منشيات جي اسمگلنگ جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇو ته ان سان عوام جي صحت کي سخت خطرا درپيش آهن، منشيات جي استعمال ۽ ان جي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قد?? حڪومت پاڪستان جي اولين ترجيح آهن.
ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ