اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۽ انفارميشن ٽي??نا??اجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (911) قائم ڪرڻ بابت وزيراع??م کي اپ ڊيٽ کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، گهرو سيڪريٽري، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي چيئرمين، نادرا جي چيئرمين، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، ڊي جي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن، ڊي جي نيشنل انفارميشن ٽي??نا??اجي بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئ??. و??يراع??م کي ٻڌايو ويو ته بين الصوبائي رابطن سميت سمورو ضروري ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ آڪٽوبر 2021ع جي پهرين هفتي تائين هيلپ لائين باقاعده افتتاح جي لاءِ تيار هوند??. و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد کان جلد سروس شروع ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آه??. و??يراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان هيلپ لائين جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ڇو ته ڏوهن جي خلاف وقت سر ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهبي.
حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری