اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪ??يٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون محمد شهزاد ارباب، قومي اسيمبلي ميمبرن محمد يعقوب شيخ ۽ محسن داوڙ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزارت، واپار، ڪسٽم، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪس??ان?? پي آءِ اي جي ??مائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪس??ان?? هوم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ واپار جي ??عاملن تي خيان جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان پاڪستان جو پاڙ??سر?? ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ بارڊر مئنيجمينٽ جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪ??يٽي گذريل ٻن سالن کان پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ اضافي جي ??اءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪ??يٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو. افغانستان ۾ پائيدار امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لازمي آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن تائين روانگي واپار ۾ اضافي جا موقعا پيدا ٿيندا. پاڪ افغان واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي جي ??اءِ لازم ملوزم آهن، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. پاڪ افغان لاڳاپن ۽ واپار جي حوالي سان معاملن تي ايوان ۾ بحث ڪرايو ويندو. اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي پاڪ افغان بارڊرز تي ڪنٽينرز جي اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ تيزي آڻڻ جي ??دايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪ افغان بارڊر تي سلو اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ دير جي ڪري واپارين کي واپاري سامان خراب ٿيڻ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. خيبرپختونخواهه جي ??وم ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته ڪميتي جي ??دايت تي چيف سيڪريٽري کي پاڪستان ۽ افغانستان جي ??چ ۾ بس سروس جي بحالي لاءِ سمري موڪلي وئي آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی