اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يون??ور??ٽين جي ذريعي اعليٰ معيار جي گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يون??ور??ٽين کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن چوٿي صنعتي انقلاب جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ (GIKI) آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ پروفيسر ڊاڪٽر فضل احمد خالد بريفنگ ڏني. صدر سوسائٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي فريد رحمان، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ صدر کي انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعليم جي فراهمي ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڪردار ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هن وقت 2366 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين 6852 شاگرد يون??ور??ٽي مان پاس ٿي چڪا آهن، هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انسٽيٽيوٽ جي 75 سيڪڙو فيڪلٽي اعليٰ درجي جي قومي ۽ عالمي يون??ور??ٽين جي پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊرز تي مشتمل آهي، هن و??يڪ چيو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ 2021ع ۾ 290 ملين روپين کان و??يڪ رقم مختص ڪئي هئي ته جيئن مستحق شاگردن کي وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يون??ور??ٽي جي انتظاميه کي چيو ته صنعتي رابطا ۽ عالمي يون??ور??ٽين سان تعاون کي فروغ ڏنو وڃي ته جئين انهن جي مهارت مان فائدو کڻي سگهجي. هن چيو ته يون??ور??ٽي کي پنهنجي عالمي مشاورتي بورڊ کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ آن لائين تعليمي جزو جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يون??ور??ٽي کي چيو ته هو خصوصي شاگردن جي باري ۾ ايڇ اي سي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائي جيڪا کين ٽيوشن فيس هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس جي مڪمل ڇوٽ کانسواءِ يون??ور??ٽي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي ملازمت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندي آهي. هن يون??ور??ٽي تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ويزن کي اپ ڊيٽ ڪري ۽ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائين طئي ڪري. هن چيو ته يون??ور??ٽين کي مصنوعتي ذهانت تي ڌيان ڏئي سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مهارت جي فروغ جي ذريعي ملڪ جي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي.
يونيورسٽين ذريعي اعليٰ معيار جا گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز