اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي ت?? سڀني پاڪستانين نالي پنهنجي خط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪستان ۾ مقرري ٿي، مان ڏٺو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لاڳاپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي ت?? پاڪستان ۾ خدمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ان موقعي ت?? پنهنجي خط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ته پاڪستان ۾ مون سميت پرڏيهين سان بهترين سلوڪ ڪيو پيو و??ي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پيو ٿئي. پنهنجي خط ۾ هن پاڪ برطانيه ڊگ??ي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن جا تفصيل به پيش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر لکيو ته پاڪستان ۽ برطانيه گڏ آهن. ”اسان گ?? 75هين سالگره تي ت??ام گهڻي مبارڪباد ڏيون ٿا.“
پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria