ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت س?? مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳوا??ن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغزستان جي صدر موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو ا??ها?? ڪيو. وزيراعظم يڪجهتي جي ا??ها?? تي صدر زاپروف جا ٿورا مڃيا ۽ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي اهميت ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو حصو نه آهي. ٻنهي اڳوا??ن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اعليٰ سطحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت س?? مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ڪرغزستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏامن جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغزستان جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي تعليمي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر زاپروف کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ، اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔