اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ م??د جي منظوري ڏيندو، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالرن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي ??وراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ٻاهرين جٽهڪن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدمن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مقامي حڪومت ۽ ٻين عالمي ترقياتي ??راڪتدارن جي ويجهي تعاون سان ڪم ڪري ??هي?? آهيون ته جيئن نقصانن جي ضرورتن جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي جيڪو امڪاني طور تي ??يندڙ مهيني جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته موسمياتي ??بديلي سبب قدرتي ??فتن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي ??بديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان پهتو آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ