بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو ??فاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو ??فاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو ??فاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي وارو ??فاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو ??فاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو ??فاقي وزير سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان گڏ آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم ش??باز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم ش??باز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم ش??باز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ش??باز شريف جو دورو ??نهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم ش??باز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ جو جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. وزيراعظم جي دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.
وزيراعظم چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada