اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي ??رف??اري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها ??رف??اري سياسي انتقام آهي، ا??نٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خا?? جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ا??ف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام سان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ??رف??ار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم پاران ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار