اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهلو ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ميجر جوا?? ۽ ??يپٽن صغير جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ??ن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪڌن مقصدن جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگهن. ??ن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙن کي وري قوم سلام پيش ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ