اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ڪريچيف پنهنجي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آءِ سي ٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان بلغاريه بين الحڪومتي ڪمي??ن جو اجلاس جلد گهرائڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ فعال رابطن تي اتفاق ڪيو. بلغاريه ۾ افرادي قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني افرادي قوت کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد بلغاريه جا يورپي يونين سان پاڪستان جي فعال رابطن خاص طور تي جي ايس پي پل?? اسٽيٽس جي ڏس ۾ معاون ڪر??ار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ ??ار??ز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد