اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترقي جي بي پناهه امڪانن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني ايزي وي انوويشن ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو هانيو ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادارن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ڇوٽ سميت ??خت??ف مراعتن جي آڇ ڪري ٿي ۽ چيني آءِ ٽي ڪمپنين کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. چيني وفد جي سربراهه صدر کي ??خت??ف آءِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل ??راهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪمپني جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ايزي وي سمارٽ ??رانسپورٽيشن، سمارٽ ??اجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لا??ِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ڪمپني پاڪستان جي ريلوي جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن سان اداري جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد م??ندي.
آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج