اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي ق??ائلي علائقن جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار اڳوڻي فاتا جي ضم ٿيل ضلعن جي ق??ائلي اڳواڻڻ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. قبائلي اڳواڻن جو ??علق مهمند، باجوڙ، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ايف آر پشاور/ ڪوهاٽ سان هو. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي ق??ائلي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻو فاٽا پٺتي پيل آهي، ان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي صحت ۽ تعليم جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ضر??رت آهي، علائقي جي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قبائلي علائقن جي ماڻهن ۾ محرومي جو ??حساس ختم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ضر??رت آهي. صدر ملڪ جي لاءِ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي ق??بانين کي پڻ ساراهيو. قبائلي اڳواڻن صدر کي علائقي جي رهواسين کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو رستن، تعليم، صحت ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري مشڪلاتن جو ??ڪار آهن. قبائلي اڳواڻن چيو ته دهشتگردي جاني ۽ معاشي نقصانن، اندروني چرپر ۽ ماڻهن کي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري انهن جي مشڪلاتن ۾ ??ضا??و ڪيو. هن چيو ته علائقي ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضر??رت آهي. قبائلي وفد علائقي ۾ سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي فآٽا جي لاءِ فنڊز کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي.
دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب