اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، وا??عي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وز??راعظم چيو ته ان افسوسناڪ وا??عي تي پوري قوم ڏکويل آهي، جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وز??راعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وا??عي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وز??ر سيد م??اد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.
جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج