اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اه?? معاملن ۽ ملڪي معاشي صورتحال تي ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن بشمول اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، پاور واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن تي ت??صي??ي طور آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي پڻ ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي. ن??را?? وزيراعظم هر شعبي ۾ جاري سڌارن تي ت??صي??ي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي معاشي پاليسين جو تسلسل قائم رکنداسين ۽ وڌيڪ اقتصادي بهتري آڻينداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا بنا رڪاوٽ جاري رهندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم ن??را?? حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ن??را?? حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي، ن??را?? حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ سموريون توانائيون معيشت جي اصلاح تي لڳائيندي. ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ملڪي معاشي صورتحال تي پڻ ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي.
ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔