اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ پاور ڊويزن واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو وڏو فرق 400 يونٽ کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ صار??ين تي لاڳو آهي، 63.5 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صار??ين لاءِ ٽيرف ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو، 31.6 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صار??ين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 3 روپين کان 6.5 روپيا في يونٽ اضافو ٿيو جڏهن ته 4.9 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صار??ين لاءِ ٽيرف ۾ 7.5 روپيا في يونٽ اضافو ٿيو، اهڙي طرح ڊوميسٽڪ صار??ين لاءِ سراسري ٽيرف ۾ 3.82 روپين جو اضافو ٿيو. اها ??ال??ه اينڪرز ۽ بيورو چيفس کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌائي وئي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري عوام مشڪل صورتحال ۾ ورتل آهي، نگران وزيراعظم اڄ آچر ڏينهن بجلي جي قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ پاور سيڪٽر سان تعلق رکندڙ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني وئ?? آهي، پاور ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري بريفنگ دوران ٻڌايو ته صارف ??اءِ بجلي جي ٽيرف جو تعين نيپرا ڪند?? آهي، ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جو تعين نون پاور پلانٽس لاءِ آهي، هن چيو ته ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس تحت بجلي جي قيمتن ۾ ڦير ڦار ٿيند?? آهي. KIBOR وڌڻ سان به ٽيرف ۾ تبديلي ڪرڻي پوند?? آهي، ان کانسواءِ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سبب به بجلي جي قيمتن ۾ فرق ايندو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ صارف ??ئي ۾ 300 يونٽ بجلي استعمال ڪري ٿو ته ان جو فرق جولاءِ جي بل ۾ لڳي ايندو آهي، هن ٻڌايو ته مالي سال 2023ع ۾ اسان 195 روپيا ڊالر ريٽ موجب اگهه نوٽيفائي ڪيا جڏهن ته ان وقت ڊالر جي قيمت 284 روپين تائين وئي، اسان آر ايل اين جي جي قيمت 3183 ايم ايم بي ٽي يو روپيا مقرر ڪرڻ جو پلان بڻايو جڏهن ته آر ايل اين جي جي قيمت 3 هزار کان 3800 جي وچ ۾ رهي، اهڙي طرح ٻاهران گهرايل ڪوئلي جي قيمت به 51 هزار کان 61 هزار روپيا في ميٽرڪ ٽن رهي. هن چيو ته ايندڙ سال اسان کي 2 ٽريلين روپيا صرف ڪيپيسٽي پيمنٽس جي مد ۾ ادائيگيون ڪرڻيون آهن، هن چيو ته جولاءِ 2022ع ۾ وڌ کان وڌ بجلي جو ٽيرف 31.02 روپيا في يونٽ هو ۽ آگسٽ 2023ع ۾ 33.89 روپيا في يونٽ بجلي جي قيمت آهي، هڪ سوال تي وفاقي سيڪريٽري چيو ته ڊسڪوز جي آفيسرن کي فراهم ڪيل بجلي جا مفت يونٽ ختم ڪري رهيا آهيون، واپڊا جي پراڻي ملازمن کانسواءِ ڪنهن کاتي ۾ بجلي جي بلن ۾ رعايت نه پئي ڏني وڃي، هن وقت اها رعايت ڊسڪوز جي ملازمن کي ملي ره?? آهي، هن چيو ته ائين ناهي ته سمورو بار بجلي جو بل ادا ڪندڙن تي وڌو پيو وڃي.
بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو وڏو فرق 400 يونٽ کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو آهي، 63.5 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ ٽيرف ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں