اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسان ج?? ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، ان موذي مرض کان اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائڻ آهي، ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي عزم سان پوليو جي خاتم?? جي جنگ کٽينداسين، پوليو ورڪرز اسان جا اصل هيرو?? آهن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتم?? جي مهم جي شروعات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري 5 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. هن ان مهم دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 4 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريا ويندا. ان قومي مهم ۾ ساڍا 3 لک پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي اسان جا اصل هيرو?? آهن ۽ فرنٽ لائين ورڪر?? آهن، حڪومت انهن سان گڏ بيهي پوليو جي خاتمي لاءِ جنگ پنهنجي عالمي حصيدارن سان وڙهي رهي آهي ۽ ان موذي مرض کان اسان جي ايندڙ نسل کي بچائڻو آهي، اهو اسان سڀني ج?? ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي. نگران وزيراعظم سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ نسل کي ان مرض کان بچائڻ جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي خوشنودي ۽ پنهنجي آخرت سنوارڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته ان مهم کي اسان کي اهڙو مشن سمجهي پورو ڪرڻو آهي جنهن سان عالمي دنيا ۽ مسلمان امت جي اهڙي تصوير پيش ٿئي جنهن ۾ پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ڀ??پو?? عزم جو اظهار ٿئي ۽ انهي عزم سان پوليو جي خاتمي واري جنگ اسان ضرور کٽينداسين.
پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ