اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 نومبر تي پسني بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر صوبيدار عبيدالله، نائيڪ محمد سجاد ۽ شهزاد قمر جي وارثن سان ??ال??ه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي شهباز?? فيض الرحمان ۽ زاهد حسين جي پونئيرن سان پڻ ??ال??ه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي حمزه ظهير، محمد امين، شبر حسين ۽ سيد مبارڪ شاهه جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. ص??ر 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عبدالله کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر قو?? پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن سان همدردي جو اظهار ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر پاران پسني ۽ اتر وزيرستان ۾ حملن ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا