اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي نئين سفير خليل هاشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيون ذميواريون ملڻ تي خليل هاشمي جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو. چين جي لاءِ مقرر ٿيندڙ نئين سفير خليل هاشمي پاڪ – چين لاڳاپن جي حوالي سان نگران وزيراعظم کان رهنمائي ورتي. نگران وزيراعظ?? ان اميد جو اظهار ڪيو ته خليل هاشمي چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر