اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) توانائي جي وفاقي وزير سردار م??مد اويس خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح ??ڌائي رهيو آهي، چين جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن تي ڪمپني ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. پاور ڊويزن طرف??ن جاري پڌرائي مطابق توانائي واري وزير سردار م??مد اويس خان لغاري چين ۾ دنيا جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني جي صدر سان ملا??ات ڪئي آهي. وفاقي وزير سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني لونجي گرين، انرجي ٽيڪنالوجي جي صدر زن گولي سان ملا??ات دوران پاڪستان جي سولر توانائي جي صلاحيتن تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح ??ڌائي رهيو آهي. سردار اويس لغاري چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني جنهن تي ڪمپني جي صدر گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيني ڪمپني جي صدر پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.
توانائي واري وزير سردار محمد اويس خان لغاري جي چين جي سڀني کان وڏي سولر تيار ڪندڙ ڪمپني جي صدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے